حقائق القرآن

حقائق القرآن

حقائق القرآن

حقائق القرآن (ڪتاب): هيءُ ڪتاب قرآن شريف جي فهم ۽ فڪر جي اپٽار، اسلامي تاريخ، اسلام کان اڳ دنيا جي تاريخ ۽ خدا تعاليٰ پاران مختلف قومن ڏي موڪليل نبين جي تعليمات تي مشتمل آهي. ڪتاب جي ليکڪ ڊاڪٽر عبدالرئوف سومري نهايت ئي عرق ريزيءَ سان ڪتاب ۾ مفيد معلومات مهيا ڪئي آهي. مڪي شريف، هيڪل سليماني، بني اسرائيل جي علائقن، ڪعبة الله، شداد جي بهشت، بنو آرام، بنو سام، سامره ۽ اڪد، حضرت نوحعه کان اڳ جي مخلوق جي رهائشي علائقن، بابل وغيره جون تصويرون ۽ نقشا ڏنا آهن. ان کانسواءِ ڪتاب ۾ بنو عدنان ۽ بنو ڪهلان جا شجرا به ڏنا ويا آهن. ڪتاب ۾ قديم زماني جي اهم ۽ تاريخي يادگار بنو ثمود ۽ بنو عاد قبيلي جي ماڻهن پاران پهاڙن ۾ ٺاهيل جڳهين جي رنگين تصويرن سميت آڳاٽي زماني جي ڪعبة الله جي تصوير به درج آهي. ڪتاب ۾ چوڏهن باب آهن. ڊبل ڊيمي سائيز ۾ ڇپيل هن ڪتاب جا 4 جلد اپــريــل 2003ع ۾ ڇـپـيـا آهـن، جيڪي سڀئي هڪ جيترا اهم ۽ معلوماتي آهن. ان کان سواءِ هن ئي عنوان سان انگريزيءَ ۾ به هـڪ جلد 2008ع ۾ ڇپيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو